53

شيرين مزاري جي گرفتاري بابت جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن قائم

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ داخل ايراضي ڪيس ۾ شيرين مزاري جي گرفتاري جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي، جنهن جي سربراهي اڳوڻي سيڪريٽري قانون جسٽس رٽائرڊ شڪور پراچا ڪندو، ڪميشن جي ٻين ميمبرن ۾ آءِ جي ڊاڪٽر نعمان خان، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيف الله ڇٽه به شامل آهي، ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽه رڪني ڪميشن شيرين مزاري جي گرفتاري بابت جاچ ۽ الزامن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته 4 جولاءِ تائين پنهنجون سفارشون وفاقي ڪابينا کي موڪليندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں