67

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ مون کي گهلي معاملي کي ٻيهر زنده ڪيو پيو وڃي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ مون کي گهلي معاملي کي ٻيهر زنده ڪيو پيو وڃي، شيخ رشيد ٽوئٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ن جي جاءِ تي ش کي آڻڻ ماسٽر پلان هو، ن ليگ صرف ٽي وي شو لاءِ آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي جي سازش ۾ مونگي گهلي معاملي کي ٻيهر زنده ڪيو پيو وڃي، هر ميٽنگ جا منٽ هوندا آهن ۽ ان جي پريس رليز سڀني جي منظوري سان جاري ٿيندي آهي، حالتن جي سنگيني تي مان جلد سپريم ڪورٽ وڃي سگهان ٿو، هن چيو ته ڌاڙيل راڄ پيٽرول جي قيمت ۾ 24 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 60 رپيا في ليٽر اضافو ڪري غريبن کي ٻن هفتن ۾ ٽيون ٽڪو لڳايو آهي، حڪومت پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ مخالفن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهي آهي، سڄي قوم جون نظرون هاڻي سپريم ڪورٽ طرف آهن، جيڪڏهن فيصلو رستن تي ٿيڻو آهي ته فيصلو 45 ڏينهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں