65

مونس الاهي جي شريڪ جوابدارن جو 4 ڏينهن رمانڊ منظور

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي شريڪ جوابدار نواز ڀٽي ۽ مظهر عباسي جو 4 ڏينهن رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي، مونس الاهي سميت ٻين خلاف 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي جو پراسيڪيوٽر منعم بشير چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف مني لناڊرنگ جو ڪيس داخل آهي، ان ڪري جوابدارن کان جاچ لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، جڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ ورڪ ٻن جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، ٻئي طرف مونس الاهي اڄ صبح ٻيهر ايف آءِ اي آفيس ۾ پيش ٿيو، مونس الاهي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي آفيس پهتو هو، جنهن کي ايف آءِ اي اختيارين اڄ صبح جو وقت ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں