57

حڪومت وٽ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي معاهدي سبب حڪومت وٽ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، وزيراعظم شهباز شريف ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پي تي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو، ان تحت اسان وٽ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ کانسواءِ ڪو آپشن نه هو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف معاهدي بابت قوم کي جلد اعتماد ۾ ورتو ويندو، اسان جلد معاشي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، مان حيران آهيان جن ماڻهن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين سڀ کان بترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي وڏا معاشي فيصلا ڪيا انهن ۾ سچ کي منهن ڏيڻ جي همت هئي، قوم جنهن مشڪل مان گذري رهي آهي، ان حالتن جا ذميوار پاڻ کي ڪيئن معصوم ظاهر ڪري سگهن ٿا، ان بابت مان تفصيل جلد سامهون آڻيندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں