63

دوست مزاري جي نااهلي جو ريفرنس اسپيڪر پرويز الاهي ڏانهن موڪليو ويو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جي نااهلي جو ريفرنس اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ڏانهن آئين جي آرٽيڪل 63 (2) تحت موڪليو ويو آهي، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دوست مزاري ايوان اقبال ۾ اجلاس جي صدارت ڪري حلف جي خلاف ورزي ڪئي، جڏهن ته دوست مزاري ان کان اڳ به پنجاب اسيمبلي جي گيلري ۾ غير قانوني صدارت ڪري چڪو آهي، گيلري ۾ اجلاس ڪيو، پوليس گهرائي ۽ تشدد ڪرايو ويو. ريفرنس موجب دوست مزاري ايوان اقبال ۾ اجلاس گهرائي آرٽيڪل 62 ون ڊي، 62 (1) (e) ۽ ٻين آرٽيڪلز جي خلاف ورزي ڪئي، آرٽيڪل 63 اي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي به ڀڃڪڙي دوس ت مزاري ڪئي آهي، دوست مزاري پارٽي هدايتن جي ابتڙ اجلاس جي صدارت ڪئي، التجا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن حلف جي پاسداري نه ڪرڻ تي دوست مزاري کي نااهل قرار ڏئي، ريفرنس جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي به موڪلي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں