61

سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جو سخت بحران جاري

ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جو سخت بحران جاري آهي، اهڙي طرح بيراجن ۽ ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي سطح مستقل گهٽجندي پئي وڃي، تفصيل موجب بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 75 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي قلت تقريبن 67 سيڪڙو آهي، گڊو بئراج تي 80 سيڪڙو، سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 57 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻيءَ جي قلت 70 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ تربيلا ڊيم مسلسل ڊيڊ ليول تي آهي. ياد رهي ته گڊو بيراج تي پاڻيءَ جي سطح 55 هزار ڪيوسڪ، سکر بيراج تي 40 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي سطح 10 هزار ڪيوسڪ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں