81

ڀارت، اسرائيل، آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتن جو نئون اتحاد ٺهي ويو

ڪراچي (م ڊ) ڀارت، اسرائيل، آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتن جو نئون اتحاد ٺهي ويو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جي اولهه ايشيا جي دوري دوران ورچوئل ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ ڀارت، اسرائيل، آمريڪا ۽ متحده عرب امارات جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جڏهن ته اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي خطرن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. هڪ آمريڪي اهلڪار موجب گروپ ۾ هندستان ۽ اسرائيل لاءِ ”I2“ ۽ آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات لاءِ ”U2“ شامل آهن. يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته هندستان هڪ وڏي صارف مارڪيٽ آهي، انهي سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي ۽ تمام گهڻي گهربل شين جو ٺاهيندڙ آهي. نيڊ پرائس چيو ته ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي، ڪاروبار، ماحوليات، ڪورونا جي وبا ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته هندستان هڪ وڏي صارف مارڪيٽ آهي، انهي سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي ۽ تمام گهڻي گهربل شين جو ٺاهيندڙ آهي. نيڊ پرائس چيو ته ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي، ڪاروبار، ماحوليات، ڪورونا جي وبا ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں