ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجي نااهلي ۽ ناتجربيڪاري نظر نه ٿي اچي، وڏي وزير عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ 22 پيشيون ٿي چڪيون آهن ۽ هڪ پيشي تي 17 لک رپيا خرچ ٿيندا آهن، وڪلين جي فيس سميت پيشين تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيندا آهن، جن ماڻهن جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو احتساب ضرور ٿيندو، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت مون تي ڪرپشن جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ۽ اڳوڻي حڪومت سياسي مخالفن خلاف بي بنياد ڪيس ٺاهيا، پر ڪنهن سرڪاري آفيس تي ڪو الزام ناهي، هي پلانٽ سستي بجلي ڏئي رهيو آهي، جنهن سان ڪي اليڪٽرڪ بجلي کڻندي آهي، مراد شاهه چيو ته عدالت، وڪيل ۽ اسان سڀني جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، پر اهي ئي پئسا ڪنهن ٻئي هنڌ خرچ ٿين ته گهڻو ڪجهه ٿي پئي سگهيو، صدر جيڪڏهن پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائي ته بهتر ٿيندو، عارف علو صدر بڻجي ڏيکاري هو ڪنهن هڪ شخص جي مرضي تي نه هلي.
65