55

سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ خلاف احتجاج ۽ گوڙ

اسلام آباد (رپورٽر) سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڌڙاڌڙ واڌ خلاف احتجاج ۽ گوڙ، اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ناڻي جو وزير ۽ آءِ ايم ايف جو نمائندو ڪٿي آهي، شھزاد وسيم چيو تھ ڪهڙي ٻِـر ۾ لڪي ويهي رهيو آهي؟ چيئرمين صاحب! توهان ناڻي جي وزير کي سينيٽ ۾ طلب ڪريو، اپوزيشن طرفان سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ نامنظور جا نعرا ھنيا ويا،  سينيٽ چيئرمين چيو ته احتجاج ڪرڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي؟ ٻاهر وڃي نعرا هڻو، اپوزيشن سينيٽرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں