64

پاڪستان پهريون ملڪ ناهي جتي آمريڪا حڪومت تبديل ڪئي: عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پهريون ملڪ ناهي جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي چيو ويو تهبي اعتمادي تحريڪ آئيني طور تي قبول ڪري وٺڻي هئي، پاڪستان خلاف سازش ٿي ۽ عمران خان کي هٽائڻ جي ڳالهه ٿي، ڇا آئين اجازت ڏئي ٿو ته سنڌ هائوس ۾ 20، 20 ڪروڙ جي منڊي لڳي، عمران خان چيو ته پاڪستاني سفير کي چيو ويو ته عمران خان روس ڇو ويو، آمريڪا ناراض آهي، عمران خان کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن عمران خان کي هٽايو ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، اسان جڏهن آياسين ته ملڪ جو ڏيوالو نڪتل هو، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اسان تباهه ٿي وڃون ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں