57

چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، سي پيڪ سان ترقيءَ جا نوان رستا کلندا: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا، اسان جا چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڃا به پاڪستان عالمي طاقتن وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، هن چيو ته اقتصادي، سفارتي سطح تي اسان وٽ پوٽيشنل موجود آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن سان سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، پرڏيهي پاليسي جو سڌو سنئون اثر هر پاڪستاني تي پوندو آهي، اسان بطور قوم ۽ ملت پاڪستان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻينداسين، هن چيو ته اسان کي پنهنجي جاگرافيائي مقام کي استعمال ڪندي سٺا موقعا تلاش ڪرڻا پوندا، اسان پاڪستان کي مستقبل ۾ اعليٰ مقام ڏياڻ لاءِ ڪوشان آهيون، پاڪستان اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديليون سڌيون سئنيون اثرانداز ٿينديون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں