51

پاڪستاني فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: ايئر چيف مارشل

لاهور (رپورٽر) چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، جنگي ٽيڪنالوجي ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي دفاعي پيداوار ۾ خودمختياري اڻٽر آهي، ايئر چيف مارشل ظهر احمد بابر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪيو، ڪمانڊنٽ وار ڪاليج ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان چيف آف دي ايئر اسٽاف جو استقبال ڪيو، ايئر چيف يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان بعد خطاب ڪندي ايئر چيف چيو ته هن چيو ته ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ مفادن جي تحفظ ۾ پاڪ بحريه جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں