59

ڏڪار وڏو چئلينج آهي، فوري طور قدم کڻڻا پوندا: شيري رحمان

اسلام آباد (رپورٽر) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ڏڪار هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي،موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شيري رحمان ريگستان ۽ خشڪيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ خشڪ سالي جي تياري کي بهتر بڻائڻ ۽ ڏڪار کي روڪڻ لاءِ ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.هن چيو ته اسان خشڪي کي روڪي نٿا سگهون، پر اسان پنهنجي پاڻي کي محفوظ رکي ان لاءِ تياري ڪري سگهون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انهن 23 ملڪن مان هڪ آهي جيڪو ڏڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ 2025 تائين ڏڪار دنيا جي وڏي آبادي کي متاثر ڪري سگهي ٿو.وفاقي وزير چيو ته خدشو آهي ته پاڪستان 2025ع تائين پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندو، اسان کي هاڻي قدم کڻڻ گهرجن.هن چيو ته گڏيل قومن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت به لونگ انڊس پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي.هن چيو ته پاڪستان ”قدرتي حل“ جي موضوع تحت ماحولياتي نظام جي بحاليءَ لاءِ به قدم کنيا آهن ته جيئن اهم مسئلن جهڙوڪ ڊي سرٽيفڪيشن، زوال پذير زرخيزي ۽ خشڪي کي منهن ڏئي سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں