48

عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري پاڻ بني گالا ۾ ويهي رهيو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (رپورٽر) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري پاڻ وڃي بني گالا ۾ ويهي رهيو آهي، وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اپوزيشن پنجاب ۾ اسپيڪر ۽ وفاق ۾ صدر جي عهدي کي بي توقير ڪري رهي آهي، هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي آئين ۽ قانون تي يقين نه ٿا رکن، جيڪو آئين سان ٽڪرائجندو آهي، اهو پاڻ ڀورا ڀورا ٿي ويندو آهي، احسن اقبال چيو ته آئين جي پويان 22 ڪروڙ عوام ۽ قومي ادارا آهن، وفاقي وزير چيو ته حڪومت دل تي پٿر رکي پاڪستان جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا مهانگائي ۽ غربت آهي، آءِ ايم ايف کي به سمجهڻ گهرجي ته اهڙي رفارمز سان پاڪستان جهڙي معيشت تي ڇا اثر پئجي سگهن ٿا، اسان جي نون قدمن سان ڪرنسي ۽ سيڙپڪارن ۾ اعتماد بحال ٿيندو، احسن اقبال چيو ته جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته اسان چيو هو ته عمران خان پنهنجو قلم آءِ ايم ايف وٽ رکي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته جيڪا عالمي ادارن سان معاهد ڪيا ويا، ان تي قائم رهون، هن چيو ته عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري پاڻ بني گالا ۾ ويهي رهيو آهي، اپوزيشن حڪومت تي پنهنجي ناڪامين جي ذميواري وجهي انتشار پکيڙڻ بجاءِ هاڪاري رويو اختيار ڪري ۽ نيشنل چارٽر آف اڪانومي جو حصو بڻجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں