58

مني لانڊرنگ ڪيس، مونس الاهي جو جواب جمع، الزام بي بنياد قرار

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مونس الاهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي هڪ صفحن تي مشتمل لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن مٿس لڳايل سمورن الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي ٻيو ڀيرو ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيو ۽ هڪ صفحي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو. پنهنجي جواب ۾ مونس الاهي چيو ته هو نواز ڀٽي ۽ مظهر عباس کي نٿو سڃاڻي، حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته هو ڪنهن به مالي فراڊ ۾ ملوث نه آهن، ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، هو به جمع ڪرائن. ايف آءِ اي مونس الاهي کي 39 سوالن تي ٻڌل سوالنامو پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ شگر ملز ذريعي ڪئي وئي ۽ ملازمن ذريعي مني لانڊرنگ ڪري کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي فائدو ٿيو. مونس الاهي کان پڇيو ويو ته سندس محمد خان ڀٽي، نواز ڀٽي ۽ مظهر عباس سان ڪهڙو تعلق آهي، محمد خان ڀٽي جي ڀائٽي واجد ڀٽي ۽ ڪزن نواز ڀٽي سان ڪهڙو تعلق آهي، نواز ڀٽي جي ڄم جي تاريخ جعلسازي مان تبديل ڪئي وئي، نواز ۽ مظهر عباس سيڪريٽري اسيمبلي محمد خان ڀٽي ذريعي ملز مان 72 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا، نواز ڀٽي ۽ مظهر عباس جي 35 اڪائونٽن ۾ 24 ارب رپين جو ٽرن اوور هو.سوالنامي ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملن تي پابندي کان اڳ ئي شگر ملن جا لائسنس جاري ڪيا ويا هئا، ڇا اهي ان معاملي ۾ ان وقت جي وڏي وزير پرويز الاهي جي اثر کان واقف آهن؟ شوگر ملز ۾ توهان جي 83.34 سيڪڙو حصيدار رقم جا ذريعا پڻ ٻڌايو. ايف آءِ اي مونس الاهي کي 23 جون تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں