49

اتحادي حڪومت لاءِ نئون ڏچو، ڏکڻ آفريڪا سان سفارتي معاملا خراب

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا آهن، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي سفارتخاني جي گاڏين جي منتقلي ۽ رجسٽريشن تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڏکڻ آفريڪا جي روينيو سروسز کاتي پاڪستاني سفارتخاني خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪارن تي پرڏيهي دعوتن خلاف گاڏيون وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي، ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستاني سفير مظهر جاويد ۽ اڳوڻو نائب سفير عدنان جاويد به الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي پاڪستاني سفير مظهر جاويد ۽ سفير عدنان جاويد انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ذريعن موجب پاڪستان به جوابي ڪارروائي ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي سفارتخاني جي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته روينيو کاتو ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستاني سفارتڪارن خلاف الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں