46

ريلوي واري وزارت ڇنڇر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (رپورٽر) ريلوي واري وزارت ڇنڇر جي ڏينهن موڪل ختم ڪري ڇڏي، اهڙو ريلوي واري وزارت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ريلوي کاتي ۾ هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم ٿيندو، ريلوي کاتي لاءِ نئون وقت جاري ڪيو ويو آهي، ريلوي جون سموريون آفيسون سومر کان هفتي ۾ 6 ڏينهن کليل رهنديون، سومر کان جمعي رات ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ريلوي جون آفيسون صبح 8 بجي کان شام 3 بجي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته جمعي جي ڏينهن ريلوي جون سموريون آفيسون صبح 8 بجي کان 1 بجي تائين ورڪنگ هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں