44

امپورٽڊ حڪومت مفاد پرستن جو ٻيو نالو آهي، هي عوام جي نظر مان ڪري پيا آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هندستان ۾ مسلمانن جي گهرن کي ڊاهيو پيو وڃي ۽ امپورٽڊ حڪومت هندستان سان واپار ڪرڻ وڃي رهي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن شام 7 بجي مارڪيٽون ۽ دڪان بند ڪيا ويا ته دڪاندار به بک مرندا، معاشي تباهي جو ڪريڊٽ امپورٽڊ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، شيخ رشيد چيو ته آمريڪن ايمبيسڊر اچي چڪو آهي ۽ چين جو امبيسڊر وڃي چڪو آهي، هندستان ۾ مسلمانن جي گهرن کي ڊاهيو پيو وڃي ۽ امپورٽڊ حڪومت هندستان سان واپار ڪرڻ وڃي رهي آهي، هن چيو ته ناڻي وارو وزير مهانگائي جو چوٿون ٽڪو لڳائڻ وارو آهي، ڊالر 210 تي ۽ حوالو 220 رپين تي اچي ويو آهي، جنهن ڏينهن انهن جا ڪيس ختم ٿي ويا هي اليڪشن طرف ويندا، شيخ رشيد چيو ته هڪ درجن پارٽيون عوام جي نظرن مان ڪري پيون آهن، جڏهن ته اڪيلو عمران خان عوام جي دلين تي ڇانيل آهي، هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت مفاد پرستن جو ٻيو نالو آهي، هي چورن جي اسٽيج سجائي وئي آهي، جنهن کي عوام ۾ ڪا پذيرائي حاصل ڪونهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں