60

شريفن کي ٻيهر اقتدار ملڻ قوم ۽ ادارن تي سواليا نشان آهي: پرويز الاهي

لاهور (رپورٽر) ق ليگ جي سينئر اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته شريفن کي ٻيهر اقتدار ملڻ سڄي قوم ۽ ادارن تي سواليا نشان بڻجي ويو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 17 جون جو ڏينهن افسوس جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڇو ته هن ڏينهن شريفن هٿان 14 بيگناهه ماڻهن قتل ٿيا هئا، چوڌري پرويز الاهي چيو ته شريفن کي ٻيهر اقتدار ملڻ سڄي قوم ۽ ادارن تي سواليا نشان بڻجي ويو آهي، ماڊل ٽائون جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ۽ قاتلن کي سزا نه ملڻ وڏو الميو آهي، هن چيو ته الله وٽ دير آهي پر انڌير ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں