57

ملڪ ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائيءَ جو گند عمران خان پکيڙيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (رپورٽر) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشي تباهي ۽ مهانگائيءَ جو گند عمران خان پکيڙيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو آهي، عمران خان عوام کي احتجاج جي ڪال نه ڏئي، پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ماتم ڪري، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان عوام چند هيرن، سوين ڪنال زمين ۽ مالي فائدن لاءِ قومي ۽ عوام مفاد تي سودو ڪندڙن سان گڏ ناهي نڪرندو، هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته مهانگائي جي تباهي عمران خان آندي، آءِ ايم ايف سان ڪمزور بنيادن تي معاهدو به عمران خان ڪري ويو، مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو ذميوار عمران خان آهي، عوام معاشي تباهي جي ذميوارن سان گڏ نه نڪرندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں