اسلام آباد (م ڊ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سي پي پي اي بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 50 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي آهي.نيپرا موجب سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 جون تي ٿيندي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مئي ۾ فرنس آئل مان 8.80 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 33.67 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 10 سيڪڙو بجلي مقامي گئس مان پيدا ڪئي وئي، 22.89 سيڪڙو درآمد ٿيل ايل اين جي ۽ 24.50 سيڪڙو پاڻي مان پيدا ڪئي وئي. مئي لاءِ ريفرنس لاڳت 5.93 رپيا في يونٽ مقرر ڪئي وئي پر سي پي پي اي 7.96 رپيا في يونٽ جي درخواست ڪئي آهي.
