53

پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي بعد پاڪستان جو امپورٽ بل وڌي ويو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ سان درآمدي بل ۾ اضافو ۽ پاڪستان جو پيٽرول امپورٽ بل 11 مهينن ۾ ٻيڻو ٿي ويو. هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان مئي تائين پيٽروليم گروپ جو درآمدي بل گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ 9 ارب 88 ڪروڙ 19 لک 80 هزار کان وڌي 19 ارب 68 ڪروڙ 80 لک ڊالر تائين پهچي ويو آهي.شماريات واري بيورو موجب هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان مئي تائين تيار ٿيل پيٽروليم شين جي درآمدات جو انگ 10.2 ارب رپيا رهيو، جيڪو گذريل مالي سال ۾ 4.43 بلين کان وڌيڪ هو. 11 مهينن ۾ خام تيل جي درآمدات 4.75 ارب رپين تائين پهتيون جڏهن ته گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ 2.72 ارب رپيا هئا. هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان مئي تائين ايل اين جي جي درآمد جو بل 4.28 ارب رپيا رهيو جڏهن ته گذريل سال جولاءِ کان مئي تائين 2.3 ارب رپيا هو جڏهن ته هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايل پي جي درآمد جو بل 606.8 ملين رپيا رهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں