50

پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان جلد نڪرندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو جنهن جو سمورو ڪريڊٽ عمران خان ۽ سندس حڪومت کي وڃي ٿو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته موجوده اسيمبلين جي ڪا اهميت ۽ قبوليت ناهي، اڪثريت ضمانت تي آهي جڏهن ته 50 وزير به اسيمبلين ۾ نٿا وڃن. اميد آهي ته آڪٽوبر کان اڳ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو، ان جو سمورو ڪريڊٽ عمران خان جي حڪومت، پاڪ فوج ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کي وڃي ٿو، ايستائين جو وزير اسيمبليءَ ۾ به نٿا وڃن، ڀارت سان واپار لاءِ مري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں