47

گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ رياست جو ڪم ساراهه جوڳو آهي: حنا رباني کر

اسلام آباد (رپورٽر) مملڪتي وزير حنا رباني کر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کنيا آهن، خوشي آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي ڪليئر ڪيو آهي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جو قدم پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ طرف هڪ قدم آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي فيصلي سان پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري ايندي. حنا رباني کر چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيم مشاورت کانپوءِ پاڪستان ايندي، اميد آهي ته گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل آڪٽوبر تائين مڪمل ٿي ويندو.هن چيو ته گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ رياست جو ڪم ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان دهشتگردن جي مالي مدد بند ڪري ڇڏي آهي، هاڻي اسان ٻين ملڪن کي به مدد ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهيون.مملڪتي وزير چيو ته ايف اي ٽي ايف سان پاڪستان جو تعاون اسان جي حڪمت عملي جو حصو آهي، ايف اي ٽي ايف اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، انشاءَ الله جلد پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو.حنا رباني کر چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايف اي ٽي ايف جون شرطون مشڪل هيون ۽ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن کي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ٻه ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻا پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں