84

توانائي بحران، پنجاب پاران بازارون 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (رپورٽر)سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به بجلي جي بچت واري منصوبي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت واپاري تنظيمن ۽ چيمبرز سان صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن، پنجاب ۾ بجلي جي بچت واري منصوبي تي ايندڙ هفتي کان عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ مارڪيٽون به رات 9 وڳي بند ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي ويندي، ريسٽورنٽ جلد بند ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي. لاهور چيمبر جي صدر نعمان ڪبير چيو ته هو قومي مفاد جي فيصلن سان گڏ آهن، بچت منصوبي تي عملدرآمد سان بجلي ۽ پيٽرول جي بچت ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں