82

ڪابل جي گوردواري ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ گوردوارا ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. برطانوي ميڊيا موجب ڇنڇر جي صبح ڪابل گوردوارا ۾ 30 کان وڌيڪ سک عبادت لاءِ گڏ ٿيا هئا. افغان ميڊيا موجب ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو ۽ ڌماڪي کانپوءِ گوردواريءَ مان دونھون اڀرندي ڏٺو ويو، ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي سرڪاري سطح تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گوردوارا تي دستي بم حملو ڪيو ويو جنهن بعد فائرنگ پڻ ڪئي وئي، واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا موجب حملي ۾ مارجي ويل شخص گوردوارا جو سڪيورٽي گارڊ هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں