58

ننڍي چونڊ ۾ ڇڪتاڻ، وڏي وزير سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهر ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.وڏي وزير ڪورنگي ۾ ننڍي چونڊ دوران فائرنگ جي واقعن ۽ ان ۾ مارجي ويل شخص جي حوالي سان ڄاڻ ورتي.مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي کي واقعي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي.هن چيو ته شهر ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، شرپسندن ۽ قانون ٽوڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جاري رکي وڃي.سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، شهر توڙي صوبي ۾ جنهن کي به سياست ڪرڻي آهي پرامن سياست ڪري.مراد علي شاهه چيو ته اسان وڏين قربانين کانپوءِ شهر جو امن بحال ڪيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.هن سڀني ايس ايس پيز کي پنهنجن ضلعن ۾ سخت نگراني رکڻ لاءِ پيٽرولنگ ۽ انٽيليجنس جي ڪم کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں