80

گري لسٽ مان نڪرڻ جا هدف مڪمل، وزيراعظم جون بلاول ڀٽو کي واڌايون

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم شهباز شريف فون ڪئي.وزيراعظم ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا هدف مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير کي مبارڪ ڏني.ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم مبارڪن جي حقدار آهي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري ملڪ کي هر ڏکيائين مان ڪڍڻ جي جدوجهد ڪندو رهندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں