51

بجليءَ جو بحران، اسلام آباد ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بجلي جي بچت لاءِ ڪم جا ڪلاڪ جاري ڪيا ويا آهن مارڪيٽن ۽ شاپنگ مالز تي قلم 144 تحت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ مارڪيٽون، دڪان، گودام ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي بند ڪيا ويندا. شادي هال، شادي جون تقريبون، لائٽنگون رات 10 وڳي تائين بند رهنديون، تجارتي ۽ صنعتي مرڪز، ريسٽورنٽ، ڪلب، پارڪ، سئنيما ۽ ٿيٽر رات 11 وڳي تائين بند رهندا. ايمبولينس سروس، طبي مرڪز، پيٽرول پمپ ۽ بس اسٽينڊز کي پابندي کان استثنيٰ حاصل هوندو، تندور، کير جا دڪان ۽ سبزي مارڪيٽون به پابندي کان استثنيٰ هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں