63

پاڪستان خير سگالي جذبي تحت 20 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان خير سگالي جذبي تحت 20 ڀارتي مهاڻن کي جيل مان آزاد ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب 20 ڀارتي مهاڻن کي سزا پوري ٿيڻ تي کين لانڍي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي، لانڍي جيل ۾ سزا پوري ٿيڻ بعد 20 هندستاني مهاڻن کي لاهور واهگا بارڊر ذريعي انڊيا روانو ڪيو ويندو، ايڌي اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي کان واهگا بارڊر لاهور تائين ايڌي بس ذريعي سمورا سفري خرچ، نقد رقم ڪپڙا ۽ ضروري استعمال واري سامان سميت روانو ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں