60

نيوٽرلز کي چيو هو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سازش جو پتو پيو ته مان نيوٽرلز کي سمجهايو هو ته وڏي مشڪل سان معيشت ٺيڪ ٿي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيوٽرلز کي چيو هو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو، منهنجي دل ئي نه مڃي ته ڪنهن جي غلام ڪريان، آمريڪا سان برابري جي سطح تي ڳالهيون ڪريو ته عزت ڪندا آهن، ڪٿي به ناهي چيو ته واشنگٽن سان لاڳاپا ختم ڪريو، هن چيو ته خرم دستگير پاڻ چيو ته فيصلن بعد اسان کي جيلن ۾ وڃڻو هو، منهنجو وزير هجي ها ته مبارڪباد ڏيان ها، شڪر آهي سچ ڳالهائڻ جي همت ڪئي اٿس، پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته شاهه محمود قريشي کي ترڪي ۽ چين مان دعوت ناما آيا آهن، شهباز شريف اسپيڊ ۾ گهميو پر ڪنهن به ملڪ پئسا نه ڏنا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں