59

ڊاڪٽرز پرويز مشرف کي سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) ڊاڪٽرز پرويز مشرف کي سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، اڳوڻو فوجي صدر پرويز مشرف جلد وطن واپس نه ايندو. ذريعن موجب اڳوڻي صدر کي ساهه جي تڪليف آهي جڏهن ته يو اي اي حڪومت اڳوڻي صدر کي بوئنگ 777 جهاز فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي پر اڳوڻي فوجي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف جو جلد وطن واپسي جو ڪو به ارادو ناهي، جنهن سبب ڊاڪٽرن صلاح ڏني آهي، يو اي اي حڪومت کيس ايئر ايمبولينس ذريعي بوئنگ 777 جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ پاڪستان پهچائڻ لاءِ گهربل سمورا سامان ۽ سهولتون هونديون. طارق عزيز جيڪو پرويز مشرف جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو، دي نيوز کي ٻڌايو ته جنرل پرويز مشرف وطن واپس اچڻ چاهي ٿو پر ڊاڪٽرن جي راءِ تي کيس روڪيو ويو. طارق عزيز اڳوڻي صدر جي گهرواري صهبا مشرف سان به رابطي ۾ آهي جيڪا پنهنجي مڙس سان دبئي جي اسپتال ۾ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں