66

حڪومت جون معاشي حالتون بهتر  بڻائي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر بڻائي رهي آهي، عمران خان جي احتجاج واري سڏ تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان عوام توهان جي ڪوڙي ۽ منافق چهري کي سڃاڻي ٿو، سازشي بيان دفن ٿيڻ بعد 25 مئي جو ڀاڳوڙو هاڻي پنهنجي ڏنل مهانگائيءَ تي فتنو ۽ فساد پکيڙڻ چاهي ٿو، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حڪومت معاشي حالتون بهتر بڻائي رهي آهي، ڪا خان ريزي ۽ فسادي احتجاج جي اجازت نه ڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں