62

ڪراچي مان پي ٽي آءِ جو ايم پي اي شبير قريشي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس تحريڪ انصاف جي ايم پي اي شبير قريشي کي ڪلفٽن واري گهر مان گرفتار ڪري ورتو آھي، ايم پي اي جي گهرواريءَ جو چوڻ آهي ته شبير قريشي فجر جي نماز لاءِ وڃي رهيو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو،  پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار تحريڪ انصاف جي اعلانيل اڄوڪي احتجاج کي روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي، ايم پي اي شبير قريشي جي گهر ٻاهران پوليس گاڏين ۽ اهلڪارن جي گشت ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا،  ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا ايم پي اي جي گرفتاريءَ کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي، ايس ايس پي چيو آهي ته ايم پي اي جي گرفتاريءَ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں