59

پاڪستان آن سائيٽ دوري ۽ گري لسٽ مان نڪرڻ واري عمل جو منتظر آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آن سائيٽ دوري ۽ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا منتظر آهيون، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته فيٽف جي پاڪستان طرفان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلان جي تڪميل جي متفقه اعتراف جي آجيان ڪريان ٿو،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي گڏيل قومي ڪوششن ۽ تمام اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن جي مڪمل هم آهنگي جو نتيجو هو، ايف اي ٽي ايف جي پلينري طرفان پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏيڻ جو اعلان هڪ سٺي اڳڀرائي آهي، هن چيو ته حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ سڌارن جي ان هاڪاري انداز کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں