78

ڪراچي ۾ لکين افغاني پناهگير موجود، واپسيءَ کان انڪار

ڪراچي (م ڊ) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي چيو آهي ته طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ وڏي انگ ۾ پناهگير پاڪستان اچڻ جو نئون سلسلو جاري آهي.هر سال 20 جون تي ملهائي ويندڙ پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري (يو اين ايڇ سي آر) پاڪستان جي ترجمان قيصر خان آفريدي چيو ته جنوري 2021 کان هيل تائين 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن پاڪستان جو رُخ ڪيو آهي.هن چيو ته يو اين ايڇ سي آر کي ان ڳالهه جو علم آهي ته جنوري 2021 کان هيل تائين 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان اچڻ جو اطلاع آهي پر عالمي تحفظ جي ضرورتمند افغان شهرين جو مجموعي انگ ان کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي.سندس چوڻ هو ته اسان في الحال پاڪستاني حڪومت سان سياسي پناهه جي ڳولا وارن جي رجسٽريشن ۽ دستاويزن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، پناهه جي ڳولا وارن ۾ گهڻي ڀاڱي افغاني شهري آهن.واضح رهي ته ڪابل ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ لکين افغاني پاڪستان ۽ ايران فرار ٿي ويا هئا.يو اين ايڇ سي آر جو چوڻ آهي ته امڪاني طور طالبان جي قبضي کانپوءِ وطن واپس ويندڙ افغان پناهگيرن جي انگ ۾ گهڻي واڌ ناهي ٿي.پاڪستان هن وقت 13 لک باقاعدي رجسٽرڊ، جڏهن ته تقريبن ايترن ئي غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جن مان اڪثر خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي ۾ موجود آهن.قيصر آفريدي چيو ته يو اين ايڇ سي آر ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ته پناهگيرن جي واپسي رضاڪاراڻي طور ٿيڻ گهرجي ۽ پناهگيرن جي حفاظت، وقار ۽ سلامتي جي حالتن ۾ ٿيڻ گهرجي.ان سلسلي ۾ افغان پناهگيرن جي چيف ڪمشنر سليم خان چيو ته افغانستان ۾ اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي کانسواءِ گذريل ٻن سالن ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان پابندين جي ڪري به پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جو عمل سستي جو شڪار رهيو.سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي هن وقت 3 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو گهر آهي، جيڪي مختلف علائقن ۾ مزدوري توڙي ڪاروبار ڪندا آهن.ڪراچي جي هڪ مهاجر ڪئمپ ٻاهران ويٺل افغان نوجوانن جي هڪ گروپ جو چوڻ هو ته اسان جو واپسيءَ جو ڪو ارادو ناهي.يو اين ايڇ سي آر موجب 2002 کان هيل تائين 44 لک کان وڌيڪ پناهگيرن کي افغانستان واپس موڪليو ويو آهي پر انهن مان لکين پرتشدد ڪارروائين، بيروزگاري، تعليم ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب پاڪستان موٽي آيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں