54

سيڪيورٽي فورسز جي مڪران جي جابلو علائقي ۾ ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان ۾ مڪران جي جابلو علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي مڪران جي جابلو ريجن ۾ ڪارروائي ڪئي.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران دهشتگردن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪالعدم تنظيم جا 6 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں