61

ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو طئي نٿو ڪري سگهي ته سازش نه ٿي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت سازش جو حصو بڻي، سازش هئي يا مداخلت جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو طئي نٿو ڪري سگهي ته سازش نه ٿي.سوشل ميڊيا تي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته مان هن ملڪ جو وزيراعظم هيس، منهنجي سامهون جاچ نه آئي، جيڪي ان سازش ۾ ملوث آهن، اهي چاهين ٿا ته سائفر کي ٻڌايو وڃي، بي اعتمادي پويان مهانگائي جو ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو.هن چيو ته جيڪڏهن توهان حڪومت نٿا سنڀالي سگهو ته سازش ڇو ڪيوَ؟ مهانگائي سبب عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي يا پيٽرول جي قيمت وڌندي هئي ته اهي مهانگائي مارچ لاءِ پهچي ويندا هئا، هاڻ پاڻ عوام تي مهانگائيءَ جا بم ڪيرائي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته انهن جي پنهنجي حڪومت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي اسان جو موقف تسليم ڪيو، بدقسمتي سان پاڪستان جا ناليوارو ڦورو ملڪ تي مڙهيا ويا، نيب ترميمن سان هڪ هڪ ڦورو کي اين آر او ملندو، انهن جي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ ماڻهو مري رهيا آهن، ڪو دل جي دوري سان مري رهيو آهي ته ڪو آپگهات ڪري رهيو آهي.عمران خان چيو ته 25 مئي تي جيئن پوليس تشدد ڪيو ان جو مثال نٿو ملي، جيئن شيلنگ ڪئي وئي اهو سڄو منظرنامو ڪشمير جهڙو هو، رائيٽ ٽو پروٽيسٽ ۽ رائيٽ ٽو موومينٽ کي ڪير روڪي نٿو سگهي.تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته سي سي پي او لاهور ۽ آءِ جي اسلام آباد کي خاص هدايت هئي ته ظلم ڪرڻو آهي، تياري ڪيو 10 جولاءِ کان اڳ سڏ ڏئي سگهان ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں