61

صدر عارف علوي چونڊ ترميمي بل هڪ ڀيرو ٻيهر صحيح ڪرڻ بنا واپس اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي چونڊ ترميمي بل هڪ ڀيرو ٻيهر صحيح ڪرڻ بنا واپس اماڻي ڇڏيو.صدر جو چوڻ آهي ته ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان واڳيل آهيان، سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان معاملي جي پيروي ڪندو رهيو آهيان.سندس موجب ڄاڻايل قانون جي نوعيت انتهاپسنداڻي آهي، آئين جي پاسداري ڪندو رهندو آهيان، اندازو آهي ته آئين پاڪستان هن بل تي صحيح نه ڪرڻ باوجود ان کي قانون جي شڪل ڏئي ڇڏيندو، پاڪستاني صدر جي حيثيت سان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيح نه ڪرڻ مون لاءِ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي.صدر جو چوڻ آهي ته ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلم بند ڪرڻ چاهيان ٿو، ٽيڪنالاجي، خاص طور تي اي وي ايم کي اثرائتي طور استعمال ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ گھڻن مسئلن جو حل موجود آهي، ٽيڪنالاجي سدائين تڪراري ۽ چيلينج ٿيل چونڊ عمل ۾ شڪ شبهن، اختلافن ۽ الزامن کي گھٽ ڪري سگھي ٿي.هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار هوندو، ٽيڪنالاجي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن سان اسان اڻپورا خواب پورا ڪري سگھون ٿا، چاهيان ٿو پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي.صدر وڌيڪ چيو ته اڄ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي ڪتب آڻڻ گھرجي، پارليامينٽ جي ٻنهي پاسن ۾ اعتماد سازي کي هٿي ۽ ڀائيواري جي شموليت بنا سڌارا ممڪن ناهن، راءِ ڏيندڙن ۽ فيصلا ڪندڙن پاران هن معاملي کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو مون لاءِ هڪ ڳجهارت رهندو.ياد رهي ته گذريل مهيني پارليامينٽ اليڪشن ترميمي بل 2022 تحت اي وي ايم ۽ سمنڊ پار ووٽنگ کي ختم ڪيو هو، جڏهن ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب اختيار گھٽ ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ هي بل صدر کي منظوري لاءِ اماڻيو ويو هو پر صدر بل واپس اماڻي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ هي بل منظور ڪرائي صدر کي اماڻيو ۽ هاڻي صدر اليڪشن ترميمي بل بنا صحيح ڪرڻ جي واپس اماڻي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں