56

سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرڻ جو الزام، عثمان بوزدار خلاف ڪيس داخل

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس ڀائرن کي به نامزد ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر ڊيره غازي خان جي انڪوائري رپورٽ جي بنياد تي عثمان بوزدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ سرڪاري زمين کي جعلسازي ذريعي پنهنجي نالي ڪرائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته متن ۾ لکيو ويو آهي ته عثمان بوزدار 900 ڪنال سرڪاري زمين جي الاٽمنٽ بابت جعلي ليٽر تيار ڪرايو ۽ 1986 ۾ منتقلي ظاهر ڪري زمين ڦٻائي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں