55

لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانت درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد عمر، شاهه محمود قريشي، شهريار آفريدي، قاسم سوري ۽ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد سميت ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت جوابدارن کي ٿاڻي آءِ نائن، گولاڙ ۽ ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ڪوهسار ٿاڻي جي ڪيس نمبر 425 جو فيصلو به ملتوي ڪيو ويو.عدالت ٻڌڻي کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران جج رمارڪس ڏنا ته ترنول، گولاڙهه ۽ آءِ 9 ٿاڻن ۾ ڪيس جي جاچ ناهي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته آءِ 9 ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ناقابل ضمانت شق آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں