56

طاقت جي استعمال سان ملڪ بند ڪري سگهجي ٿو، پر هلائي نه ٿو سگهجي: اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته طاقت جي استعمال سان ملڪ بند ڪري سگهجي ٿو هلائي نه ٿو سگهجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تهاسان اڄ ٻيهر عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسد عمر چيو ته طاقت جي استعمال سان ملڪ بند ڪري سگهجي ٿو پر هلائي نه ٿو سگهجي، موجوده حڪومت سازش ڪئي، جنهن جو خرم دستگير اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته قوم کي رليف جي جڏهن به ضرورت هوندي آهي ته اسان جا هٿ ٻڌا ويندا آهن، 12سئو ارب رپيا موجود هئا، حڪومت چاهي ها ته آٽي، پيٽرول سميت سمورين شين تي رليف ڏئي پئي سگهي، هن چيو ته حڪومت عوام جي ووٽ سان نه پر آندي وئي آهي، حڪومتي وزيرن ۽ نمائندن کي عوام ۾ گن مين گڏ رکي وڃڻو ٿو پوي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں