70

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ وري واڌ

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 11 هزار 212 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 171 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.53 هئي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو، پر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 57 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں