74

عمري جي ادائيگي لاءِ اجازت جي آخري تاريخ جو اعلان

رياض (م ڊ)سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت هن سال عمري جي پرمٽ جاري ڪرڻ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سعودي وزارت جو چوڻ آهي ته عمره جا پرمٽ 23 جون تائين توڪلنا ۽ ايٽمارنا ايپس تي موجود آهن، جنهن کانپوءِ عمره جا اجازت نامو معطل ڪيو ويندو.سعودي ميڊيا رپورٽن موجب عمري جي اجازتن جي جاري ٿيڻ جي تاريخ ۾ 26 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، پر هاڻي حج سيزن کانپوءِ 19 جولاءِ کان عمري جي اجازتن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں