68

فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو

لنڊن (م ڊ) فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي.برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب فرانس جي صدر ايمنيوئل ميڪرون ۽ سندس اتحادي آچر تي پارلياماني چونڊن جي ٻئي مرحلي کانپوءِ 5 پولنگ فرمز جي پروجيڪٽ ۾ پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5 پولنگ فرمن جي پروجئشن ۾ صدر ميڪرون جي اتحاد کي 200 کان 260 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. سروي موجب پارليامينٽ ۾ اڪثريت لاءِ 289 سيٽون گهربل هونديون آهن پر هاڻ اڪثريت لاءِ صدر ميڪرون کي نوان اتحادي گهربل هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں