55

آمريڪي ڊالر جي اڏام کي بريڪ نه لڳي، 210 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر)آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير ۽ مٽا سٽا جي شرح ۾ گهٽتائي سان رپئي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ واپاري ڏينهن جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت اڀرڻ شروع ٿي وئي، واپاري سيشن دوران آمريڪي ڊالر 1.25 رپيا مهانگو ٿي ويو. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 1.25 رپيا مهانگو ٿي 210 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں