46

اسان جي احتجاج امپورٽڊ حڪومت کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته احتجاج امپورٽڊ حڪومت کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت ڪارڪنن تي 62 ايف آءِ آرز ڪاٽيون ويون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ گروپ آهي جيڪو قانون تي نه صرف اين آر او تي يقين رکي ٿو، بابر اعواڻ چيو ته حڪومتي نمائندي چيو آهي ته سازش ٿي پوءِ مهرباني ٿي،وري سازش ٿي، اين آر او جيڪو هي چاهن ٿا، اسان کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته رات جي احتجاج حڪومت کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد سميت ٻين علائقن جي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں