54

جنهن مهانگائيءَ خلاف عمران خان احتجاج ڪري رهيو آهي، ان جو ذميوار اهو پاڻ آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جنهن مهانگائيءَ خلاف عمران خان احتجاج ڪري رهيو آهي، ان جو ذميوار اهو پاڻ آهي، هڪ بيان جاري ڪندي هن چيو ته ڪالهه ماڻهن عمران خان جي انتشار جي ڪالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ماڻهن جو گهٽ تعداد ڏسي عمران خان احتجاج جو سڏ واپس وٺي ٿو، جڏهن ماڻهن عالمي سازش جي بيان کي رد ڪيو ته هن کي مهانگائي ياد اچي وئي، شيري رحمان چيو ته جنهن مهانگائيءَ خلاف عمران خان احتجاج ڪري رهيو آهي، ان جو ذميوار اهو پاڻ آهي، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ بعد هي نجات ڌنده بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں