57

سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي، اين ڊي ايم اي پاران الرٽ جاري

اسلام آباد (رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي پاران لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ اڄ کان اربع تائين طوفاني برسات جو سلسلو شروع ٿي ويندو، سمورا ادارا الرٽ رهن، اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن جي ڪري ڪي پي ڪي، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، جڏهن ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ندي نالن، درياهن ۾ چاڙهه ۽ هيٺيان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں