59

رمضان شگر ملز ڪيس، شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

لاهور (م ڊ) رمضان شگر ملز ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي مستقل حاضري معاف ڪرڻ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي، احتساب عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، لاهور جي احتساب عدالت ۾ وزيراعطم شهباز شريف ۽ وڏي وزير حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي، ان جي مستقل حاضري معاف ڪرڻ واري درخواست تي وڪيل دليل مڪمل ڪيا، شهباز شريف جي وڪيل اپيل ڪئي ته شهباز شريف جي نمائندي محمد نواز کي ان طرفان حاضري لاءِ مقرر ڪيو وڃي، شهباز شريف وزيراعظم آهي، ان ڪڏهن به ضمانت جو غلط استعمال ناهي ڪيو، شهباز شريف معزز عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته بنا جواز حاضري جي معافي جي درخواست داخل ناهي ڪئي، ذميواريون ادا ڪرڻيون آهن، حاضري معافي جي درخواست رد ٿي ته پوءِ به پيش ٿيندس، عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں